جئه ڀواني ڪلاڪار منڊل احمد آباد

جئه ڀواني ڪلاڪار منڊل، احمد آباد: 1965ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊل جا بانيڪار چئن لال، ڀڳوان شرما، لڇمڻ جسوجا ۽ هري مستانا هئا. هن منڊل جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار لڇمڻ جسوجا هو. سندس ناٽڪ ’قرباني‘، ’ڪاڪو ڪنجوس‘، ’امير غريب‘ هن منڊل طرفان پيش ٿيا. جن ۾ مشهور اداڪارن اداڪاري ڪئي. انهن ۾ پرشوتم، لڇو ڏيواڻي، آسن ودياڻي، نانڪ ٻالاڻي، ٿڌل پياسي، ٽوپڻداس ڪشن پرتاب ۽ گورڌن شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو